معلوم

سبق 12

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جو معجزاتي ڄمڻ

لوقا 26:1-38 1:2-20

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

26:1اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو. 27 هو مريم نالي هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جيڪا دائود جي گھراڻي جي هڪ شخص يوسف سان مڱيل هئي. 28جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آهي.“ 29مريم ملائڪ جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي. 30تڏهن ملائڪ چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا تو تي مهربان آهي. 31 ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو عيسيٰ رکج. 32 هو وڏي عظمت وارو ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت عطا ڪندو. 33هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ بادشاهي ڪندو. هائو، سندس بادشاهي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“

34تنهن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 35ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو. 36ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي. 37 بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“

38تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ خداوند جي ٻانهي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو.

مريم جي اليشبع سان ملاقات

1:2يحيٰ جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي شهنشاهت جي آدمشماري ڪئي وڃي. 2اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. 3تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو. 4جيئن تہ يوسف دائود جي نسل مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو دائود جي ڄمڻ جو هنڌ هو، 5انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي. 6جڏهن هو بيت‌لحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.

ريڍار ۽ ملائڪ

8انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9تہ ڇا ڏسن تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ انهن وٽ اچي بيٺو ۽ خداوند جو جلوو سندن چوڌاري چمڪڻ لڳو، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10تنهن تي ملائڪ چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي. 11ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو ڇوٽڪاري ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ خداوند آهي. 12انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“

13اوچتو ريڍارن کي انهيءَ ملائڪ سان گڏ ٻين ملائڪن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو خدا جي واکاڻ ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ

  14”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي
  ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي،
  جن کان هو راضي آهي.“

15جڏهن ملائڪ انهن وٽان موٽي آسمان ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيت‌لحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي خداوند اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“ 16تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو. 17هي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اهي ڳالهيون ٻڌائڻ لڳا جيڪي ملائڪ کان ٻڌيون هئائون. 18ريڍارن جون اهي ڳالهيون جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، 19جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي خدا جي حمد وَ ثنا ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن ملائڪ کين ٻڌايو هو.

عيسيٰ مسيح جو نالو رکجڻ

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000