معلوم

سبق 25

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جي پنھنجي موت بابت اڳڪٿي

متي 26:26-30

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

26:26جڏهن هو کائين پيا تہ عيسيٰ ماني کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ شاگردن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو بدن آهي.“ 27پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري انهن کي ڏيندي چيو تہ ”اوهين سڀيئي هن مان پيئو. 28 هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي گناهن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان خدا جو عهد ٻڌجي ٿو. 29آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“

30پوءِ هنن زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانا ٿي ويا.

پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000