
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
عيسيٰ مسيح پلاطس جي اڳيان
32:23ٻيا ٻہ ماڻهو جيڪي ڏوهاري هئا، تن کي بہ اهي عيسيٰ سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا. 33جڏهن اهي يروشلم کان انهيءَ جاءِ تي پهتا جنهن کي ”کوپري“ سڏين ٿا، تڏهن انهن سپاهين عيسيٰ ۽ ٻنهي ڏوهارين کي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو. 34 عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا. 35 ماڻهن بيٺي ڏٺو. تڏهن يهودين جي اڳواڻن مٿس ٺٺوليون ڪندي چيو تہ ”هون، ٻين کي ٿي بچايائين. جيڪڏهن هي خدا جو مسيح ۽ سندس مخصوص ڪيل آهي تہ هاڻي پاڻ کي تہ بچائي.“ 36 سپاهي بہ مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ۽ وٽس ويجھو اچي سادي مئي آڇيندي 37کيس چوڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن تون يهودين جو بادشاهہ آهين تہ پاڻ کي بچاءِ.“ 38هن جي مٿان هڪ تختي بہ لڳائي ويئي، جنهن تي لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو بادشاهہ.“
39جيڪي ڏوهاري عيسيٰ سان گڏ صليب تي ٽنگيل هئا، تن مان هڪڙي طعنو هڻندي چيس تہ ”تون مسيح نہ آهين ڇا؟ پوءِ پاڻ کي ۽ اسان کي بچاءِ.“ 40پر ٻئي انهيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي خدا جو بہ خوف نہ آهي، جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳي سزا پيو ڀوڳين؟ 41اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“ 42پوءِ هن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏهن اوهين بادشاهہ ٿي اچو، تڏهن مون کي ياد ڪجو.“ 43عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.“
عيسيٰ مسيح جي وفات
44-45 پوءِ سج ڪاراٽجي ويو ۽ منجھند جي مهل کان وٺي اٽڪل ٽي بجي تائين سڄي ملڪ تي اونداهي ڇانيل رهي. تڏهن هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو 46 ۽ عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنهنجو روح تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين.
47اهو ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“ 48جيڪي ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، سي هي ڏسي پنهنجا سينا پٽيندا گھرن ڏانهن موٽيا. 49 جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل عورتون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.
عيسيٰ مسيح جو ڪفن دفن
50-51اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي ڪائونسل جو نيڪ ۽ عزت وارو ڪارڪن هو ۽ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو. ڪائونسل جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو. 52هو پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين. 53پوءِ هن لاش هيٺ لهرايو ۽ اُچي ڪفن ۾ ويڙهي هڪ قبر ۾ رکيائين، جيڪا ٽڪر ۾ غار نموني کوٽيل هئي ۽ اڳ استعمال نہ ٿيل هئي. 54اهو جمعي جو ڏينهن، يعني يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو هو.
55جيڪي عورتون گليل کان عيسيٰ سان گڏجي آيون هيون، تن يوسف جو پيڇو ڪري اها قبر ڏٺي ۽ اهو بہ تہ عيسيٰ جو لاش ڪيئن ان ۾ رکيو ويو آهي. 56 پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون.
تڏهن هنن شريعت جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو.
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000