
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
24:12آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو. 25 جيڪو بہ پنهنجي جان سان پيار ڪري ٿو سو اها وڃائيندو. پر جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي نظرانداز ڪري ٿو تنهن کي دائمي زندگي ملندي. 26جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“
عيسيٰ مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000