معلوم

سبق 7

عيسيٰ مسيح تي خداوند ۽ خدا طور ڀروسو ڪرڻ

يوحنا 24:20-29

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ

24:20توما انهن ٻارهن شاگردن مان هڪڙو هو جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، سو عيسيٰ جي اچڻ مهل شاگردن سان گڏ نہ هو. 25اهو جڏهن آيو تہ ٻين شاگردن ٻڌايس تہ ”اسان خداوند کي ڏٺو آهي.“ تنهن تي هن چيو تہ ”جيستائين آءٌ سندس هٿن ۾ ڪوڪن جا نشان نہ ڏسندس ۽ ڪوڪن جي نشانن ۾ پنهنجي آڱر نہ وجھندس ۽ سندس پاسي ۾ هٿ نہ وجھندس، تيستائين آءٌ اصل ڪونہ مڃيندس.“

26هفتي کان پوءِ شاگرد وري گھر ۾ گڏ ويٺا هئا ۽ هن ڀيري توما بہ ساڻن گڏ ويٺو هو. گھر جا در دروازا بند هئا تہ عيسيٰ اچي سندن وچ ۾ بيٺو ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ 27پوءِ هن توما کي چيو تہ ”اچ ۽ پنهنجي آڱر هيڏانهن ڪري منهنجي هٿ ۾ وجھي ڏس ۽ پنهنجو هٿ هيڏانهن منهنجي پاسي ۾ وجھہ. بي‌اعتبار نہ ٿيءُ پر اعتبار ڪر.“ 28تنهن تي توما چيس تہ ”اي منهنجا خداوند! اي منهنجا خدا!“ 29عيسيٰ چيس تہ ”تو مون کي ڏٺو آهي، تنهنڪري ايمان رکيو اٿيئي. پر سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏسڻ کان سواءِ ئي ايمان ٿا رکن.“

هن ڪتاب جو مقصد

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000