معلوم

سبق 9

ايمان وارن جي رفاقت

رسولن جا ڪم 42:2-47

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

42:2اهي پنهنجو وقت رسولن کان سکڻ، هڪٻئي جي صحبت ۾ رهڻ، گڏجي ماني کائڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ گذارڻ لڳا.

ايمان وارن جي هلت چلت

43جيئن تہ رسولن ڪيترائي معجزا ۽ عجب جهڙا ڪم ڪيا، سو سڀيئي ماڻهو خدا جو خوف ڪرڻ لڳا. 44 جن عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو هو، سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ هڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رهندا هئا. 45اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو. 46اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا. 47هو خدا جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. خداوند عيسيٰ ڏينهون ڏينهن ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙن جي جماعت ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000