معلوم

سبق 10

وڃائجي ويلن کي ڳولي لهڻ حصو ٻيو

متي 35:9-16:10

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

35:9 پوءِ عيسيٰ آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان شفا ڏيندو رهيو. 36 ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي عيسيٰ جي دل رحم سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن. 37 تنهنڪري هن پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. 38تنهنڪري فصل جي مالڪ کي عرض ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“

1‏-2:10عيسيٰ پنهنجي ٻارهن شاگردن کي سڏائي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين اختياري ڏيئي رسول مقرر ڪيائين، تہ جيئن اهي ڀوتن کي ڪڍين ۽ ماڻهن کي هر قسم جي بيماريءَ ۽ مرض کان شفا ڏين. انهن جا نالا هي آهن: شمعون، جنهن کي پطرس ڪري سڏيندا آهن ۽ سندس ڀاءُ اندرياس، زبديءَ جا ٻہ پٽ يعقوب ۽ يوحنا، 3فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي، 4شمعون قوم‌پرست ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري عيسيٰ کي پڪڙايو.

ٻارهن رسولن کي موڪلڻ

5انهن ٻارهن رسولن کي عيسيٰ روانو ڪندي هي تاڪيد ڪيو تہ ”اوهين غير يهودين جي ڪنهن بہ علائقي ڏانهن يا سامرين جي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ وڃجو، 6پر بني اسرائيل، جيڪي ڀٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو. 7 اوهين جتي جتي وڃو تہ اتي اهو اعلان ڪجو تہ ’آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.‘ 8بيمارن کي شفا ڏجو ۽ مئلن کي جيارجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پاڪ صاف ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو. 9کيسي ۾ پاڻ سان ڪوبہ پئسو پائي نہ کڻجو، توڙي جو سون، چانديءَ يا ٽامي جو سڪو ڇو نہ هجي. 10 سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.

11سو جڏهن اوهين ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ وڃو تڏهن جاچ ڪجو تہ اهڙو ڪو آهي جيڪو اوهان جو آڌرڀاءُ ڪري، پوءِ اوهين وٽس ايستائين رهجو جيستائين اُن شهر مان روانا نہ ٿيو. 12گھر ۾ داخل ٿيڻ وقت کيس سلام ڪجو. 13جيڪڏهن گھر جي مالڪ سلام وراڻيو تہ اوهان جو سلام مٿس رهندو، پر جيڪڏهن نہ ورائيندو تہ اوهان جو سلام اوهان ڏانهن موٽي ايندو. 14 جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو. 15 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ قيامت جي ڏينهن انهيءَ شهر وارا سدوم ۽ عموراہ وارن کان وڌيڪ ڀوڳيندا.“

اچڻ واري مصيبت

16 ”ڏسو، آءٌ اوهان کي ڄڻ تہ رڍن وانگر بگھڙن منجھہ موڪليان ٿو، تنهنڪري اوهين نانگن وانگر چالاڪ ۽ ڪبوترن وانگر بي‌ضرر ٿجو.

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000