هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:1شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو. 2ان وقت زمين بيترتيب ۽ ويران هئي. اونهي سمنڊ جو مٿاڇرو اوندهہ سان ڍڪيل هو ۽ پاڻيءَ جي مٿان خدا جي روح ڦيرا پئي ڪيا. 3 تڏهن خدا حڪم ڏنو تہ ”روشني ٿئي.“ سو روشني ٿي پيئي. 4خدا ڏٺو تہ روشني چڱي آهي. هن روشنيءَ کي اوندهہ کان ڌار ڪيو. 5پوءِ روشنيءَ جو نالو ”ڏينهن“ رکيائين ۽ اوندهہ جو ”رات.“ سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو پهريون ڏينهن هو.
6 پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻيءَ جي وچ ۾ حد مقرر ٿئي جيڪا پاڻيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي.“ سو ائين ئي ٿيو. 7اهڙيءَ طرح خدا هڪ حد بڻائي، جنهن جي وسيلي هيٺ واري پاڻيءَ کي مٿي واري پاڻيءَ کان ڌار ڪيائين. 8خدا انهيءَ حد جو نالو ”آسمان“ رکيو. سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو ٻيو ڏينهن هو.
9پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي هيٺان جيڪو پاڻي آهي سو سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿئي تہ جيئن خشڪي ظاهر ٿئي.“ سو ائين ئي ٿيو. 10خدا خشڪيءَ جو نالو ”زمين“ رکيو ۽ پاڻي جيڪو گڏ ٿيو هو تنهن جو نالو ”سمنڊ“ رکيائين. خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي. 11پوءِ حڪم ڏنائين تہ ”زمين تي اناج ڏيندڙ توڙي ميوا ڏيندڙ ٻوٽن سميت سڀني قسمن جا ٻوٽا پنهنجي پنهنجي جنس موجب پيدا ٿين.“ سو ائين ئي ٿيو. 12تڏهن زمين تي هر قسم جا ٻوٽا پيدا ٿيا، خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي. 13سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو ٽيون ڏينهن هو.
14پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي حد ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن ۽ اُهي مندن، ڏينهن ۽ سالن جي شروع ٿيڻ جو وقت ظاهر ڪن. 15اُهي زمين کي روشن ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ چمڪن.“ سو ائين ئي ٿيو. 16اهڙيءَ طرح خدا ٻہ وڏيون روشنيون ٺاهيون، هڪڙي وڏي جيڪا ڏينهن تي حڪومت ڪري ٿي ۽ ٻي ان کان ننڍي جيڪا رات تي حڪومت ڪري ٿي. خدا تارا بہ ٺاهيا. 17خدا انهن روشنين کي آسمان جي حد ۾ رکيو، تہ جيئن زمين کي روشن ڪن. 18اُهي ڏينهن ۽ رات تي حڪومت هلائين ۽ روشنيءَ کي اوندهہ کان ڌار ڪن. خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي. 19سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو چوٿون ڏينهن هو.
20پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻي بيشمار ساهوارن سان ڀرجي وڃي ۽ پکي آسمان ۾ اُڏامن.“ 21سو وڏا وڏا سامونڊي جانور ۽ هر قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارا ۽ هر قسم جا پکي پيدا ٿيا. خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي. 22خدا انهن سڀني کي برڪت ڏني. پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارن کي چيائين تہ ”وڌو ۽ ويجھو ۽ سمنڊ کي ڀرپور ڪريو.“ پکين کي چيائين تہ ”زمين تي وڌو ۽ ويجھو.“ 23سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو پنجون ڏينهن هو.
24پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”زمين هر قسم جا ننڍا وڏا، گھريلو ۽ جھنگلي جانور ۽ سرندڙ جيتجڻا پيدا ڪري.“ سو ائين ئي ٿيو. 25خدا انهن سڀني کي ٺاهيو ۽ هن ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2025 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000