معلوم

سبق 2

پيدائش: خدا جو انسان کي پيدا ڪرڻ

پيدائش 4:2-24

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

4:2اهو آهي زمين ۽ آسمان جي پيدا ٿيڻ جو بيان.

باغ عدن

جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، 5تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري. 6پر زمين مان گھِمَ نڪرندي هئي، جنهن سان سڄي زمين آلي ٿي ويندي هئي. 7 پوءِ خداوند خدا زمين مان ڪجھہ مٽي کنئي ۽ انهيءَ مان هڪ ماڻهو ٺاهيائين. انهيءَ جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو. 8پوءِ خداوند خدا اوڀر طرف عدن جي علائقي ۾ هڪڙو باغ بڻايو ۽ جنهن انسان کي ٺاهيو هئائين تنهن کي انهيءَ باغ ۾ رکيائين. 9 هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.

10عدن ۾ هڪڙو درياءُ باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتو ۽ اُتان چئن ندين ۾ ورهائجي ويو. 11پهرين نديءَ جو نالو فيسون آهي، جيڪا حويلاہ علائقي منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي، جتان سون نڪرندو آهي. 12انهيءَ زمين جو سون نج آهي ۽ اتان موتي ۽ عقيق بہ ملن ٿا. 13ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي، جيڪا ڪُوش جي سڄي زمين منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي. 14ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جيڪا اشور جي اوڀر واري پاسي کان وڃي ٿي. چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.

15پوءِ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ ان جي باغباني ۽ سنڀال ڪري. 16خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج. 17پر جيڪو وڻ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ آهي، تنهن جو ميوو هرگز نہ کائجانءِ، ڇو تہ جنهن ڏينهن تون اهو کائيندين تنهن ڏينهن ضرور مرندين.“

18پوءِ خداوند خدا چيو تہ ”آدم جو اڪيلو رهڻ چڱو نہ آهي. تنهنڪري آءٌ هن لاءِ هڪ سٺو ساٿي بڻائيندس.“ 19سو خداوند خدا زمين مان مٽي کڻي سڀ جانور ۽ پکي ٺاهيا. پوءِ انهن کي آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا نالا ڪهڙا ٿو رکي ۽ آدم جنهن کي جنهن نالي سان سڏيو سو ئي ان جو نالو ٿيو. 20سو آدم سڀني جانورن ۽ پکين جا نالا رکيا. پر انهن مان آدم کي ڪوبہ سٺو ساٿي ڪونہ مليو.

21پوءِ خداوند خدا آدم کي گَهري ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. جڏهن هو ستل هو تہ سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي اتي گوشت ڀري ڇڏيائينس. 22خداوند خدا ان پاسريءَ مان هڪ عورت ٺاهي ۽ کيس آدم وٽ وٺي آيو. 23تڏهن آدم چيو تہ ”ڏسو، هي ئي آهي، جيڪو منهنجي هڏن مان هڏو ۽ منهنجي ماس مان ماس آهي. تنهنڪري هيءَ ’ناري‘ سڏبي، ڇاڪاڻ تہ ’نر‘ مان ڪڍي ويئي آهي.“ 24 اهو ئي سبب آهي جو مرد پنهنجي ماءُ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اهي ٻئي گڏجي هڪ ٿي ويندا.

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2023 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000