
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
انسان جي بڇڙائي
1:6 جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ ماڻهو پکڙجي ويا ۽ انهن مان ڌيئرون پيدا ٿيون، 2تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي. 3تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“ 4 تن ڏينهن ۾ ۽ پوءِ بہ، زمين تي راڪاس هئا، جيڪي آسماني مخلوق ۽ انهن عورتن جو اولاد هئا. اهي ئي پراڻي زماني جا نالي وارا پهلوان هئا.
5 پوءِ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هر ماڻهو بڇڙائي ڪرڻ ۾ وڌي ويو آهي ۽ انهن جي دل جا خيال هر وقت بڇڙائيءَ جي ڳالهين سان ڀريل آهن، 6تڏهن خداوند کي ڌرتيءَ تي انسان جي پيدا ڪرڻ جو افسوس ٿيو ۽ دل ۾ ڏک ٿيس. 7سو خداوند چيو تہ ”جنهن انسان کي مون پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندس، جانورن، سرندڙ جيتن توڙي پکين سميت، ڇاڪاڻ تہ کين پيدا ڪرڻ کان مون کي ڏک ٿيو آهي.“ 8پر نوح خداوند جي نظر ۾ مقبول ٿيو.
نوح جو هڪ ٻيڙو ٺاهڻ
9-10 نوح جو واقعو هن ريت آهي: نوح کي سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ هئا. نوح پنهنجي زماني ۾ اڪيلو ئي سچار هو. هو خدا جي رفاقت ۾ رهندو هو. 11پر ٻيو هر ڪو خدا جي نظر ۾ بگڙيل هو ۽ هر هنڌ ظلم ئي ظلم هو. 12خدا دنيا تي نظر ڪئي ۽ ڏٺائين تہ اها خراب ٿي ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ سڀني ماڻهن جي هلت چلت بڇڙي ٿي ويئي هئي.
13پوءِ خدا نوح کي چيو تہ ”مون انسانذات کي ختم ڪري ڇڏڻ جو ارادو ڪيو آهي. آءٌ انهن کي بلڪل تباهہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ دنيا انهن جي ظلم سان ڀرجي ويئي آهي. 14تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪ ٻيڙو ٺاهج، انهيءَ ٻيڙي ۾ ڪوٺيون ٺاهج ۽ ٻيڙي کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳائج. 15ٻيڙو اهڙيءَ طرح ٺاهج جو ان جي ڊيگھہ هڪ سؤ چوٽيهہ ميٽر هجي، ويڪر ٻاويهہ ميٽر ۽ اوچائي تيرهن ميٽر هجي. 16ٻيڙي جي ڇت کان اڌ ميٽر هيٺ تائين روشندان وانگر چوڌاري کُليل جاءِ رکج. ٻيڙي ۾ ٽي طبقا ٺاهج ۽ پاسي ۾ هڪ در رکج. 17آءٌ ڌرتيءَ تي هڪ ٻوڏ موڪليندس، تہ جيئن سڀ ساهوارا برباد ٿي وڃن. پوءِ جيڪي بہ ڌرتيءَ تي آهي سو سڀ ناس ٿي ويندو. 18پر تو سان آءٌ پنهنجو عهد ڪندس. تون پنهنجيءَ زال، پنهنجي پٽن ۽ انهن جي زالن سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهج. 19-20هر قسم جي جانورن، هر قسم جي پکين ۽ هر قسم جي سرندڙ جيتن مان ٻہ ٻہ، يعني نر ۽ مادي تو وٽ ايندا، جن کي تون پاڻ سان ٻيڙي ۾ کڻج تہ جيئن اهي جيئرا رهن. 21پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“ 22 سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خدا کيس فرمايو هو.
نوح جو ٻوڏ کان بچڻ
1:7 خداوند نوح کي چيو تہ ”تون پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت اچي ٻيڙي ۾ چڙهہ. مون ڏٺو آهي تہ سڄيءَ دنيا ۾ تون ئي هڪڙو آهين جيڪو سچار آهين. 2سڀني پاڪ جانورن مان ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون ۽ ناپاڪ جانورن مان هڪ هڪ جوڙو يعني نر ۽ مادي پاڻ سان گڏ کڻج. 3هر قسم جي پکين مان بہ ست ست جوڙا يعني نر ۽ ماديون کڻج، تہ جيئن ڌرتيءَ تي انهن جو نسل قائم رهي. 4ستن ڏينهن کان پوءِ آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندس ۽ سڀني ساهوارن کي، جيڪي مون بڻايا آهن برباد ڪري ڇڏيندس.“ 5سو نوح ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کيس فرمايو هو.
6جڏهن ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي تڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي. 7 نوح ۽ سندس زال، سندس پٽ ۽ انهن جون زالون ٻوڏ کان بچڻ لاءِ اچي ٻيڙي ۾ چڙهيا. 8هر قسم جي پاڪ ۽ ناپاڪ جانورن، پکين ۽ زمين تي سرندڙ جيتن مان جوڙو جوڙو 9نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ اچي چڙهيو، جيئن خدا فرمايو هو. 10ستن ڏينهن کان پوءِ ڌرتيءَ تي ٻوڏ آئي.
11 جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ سال هئي، تڏهن انهيءَ سال جي ٻئي مهيني جي سترهين تاريخ تي ڌرتيءَ جي هيٺان چشما ڦٽي نڪتا ۽ آسمان جون دريون کُلي پيون. 12چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون ڌرتيءَ تي مينهن پوندو رهيو.
13انهيءَ ساڳئي ڏينهن نوح ۽ سندس زال پنهنجي ٽنهي پٽن سِم، حام ۽ يافت ۽ انهن جي زالن سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا. 14انهن سان گڏ هر قسم جا جانور، ڍور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ هر قسم جا پکي ٻيڙي ۾ چڙهيا. 15سڀني ساهوارن مان جوڙو جوڙو يعني نرماد نوح سان گڏ ٻيڙي ۾ چڙهيا، 16جيئن خدا فرمايو هو. پوءِ خداوند انهيءَ کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيو.
17چاليهن ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي ٻوڏ ايندي رهي ۽ پاڻي ويو چڙهندو، تان جو ٻيڙو مٿي کڄي ترڻ لڳو ۽ ڌرتيءَ کان کڄي مٿي ٿيو. 18پاڻي ڌرتيءَ تي چڙهندو چڙهندو گھڻو وڌي ويو ۽ ٻيڙو پاڻيءَ تي ترڻ لڳو. 19پاڻي ڌرتيءَ تي ايترو تہ چڙهيو جو سڄيءَ دنيا جا وڏا وڏا جبل بہ ٻڏي ويا. 20پاڻي انهن کان بہ ست ميٽر مٿي هو. 21جيڪي بہ ساهوارا ڌرتيءَ تي گھميا پئي، جهڙوڪ پکي، حيوان، جھنگلي جانور، زمين تي سرندڙ جيت ۽ انسان، سي سڀ مري ويا. 22جن ۾ بہ زندگيءَ جو دم هو ۽ سڪيءَ زمين تي رهندا هئا سي سڀ مري ويا. 23جيڪا بہ ساهواري شيءِ ڌرتيءَ تي هئي، ماڻهو توڙي جانور، زمين تي سرندڙ جيت توڙي پکي، سي سڀ مري ويا. رڳو نوح ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا سي وڃي بچيا. 24اهو پاڻي ڏيڍ سؤ ڏينهن تائين ڌرتيءَ تي بيٺو هو.
1:8خدا نوح ۽ انهن جانورن کي جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙي ۾ هئا وساري ڪونہ ڇڏيو. سو خدا هوا گھلائي ۽ پاڻي لهڻ لڳو. 2ڌرتيءَ جي هيٺان ڦٽي نڪتل چشما ۽ آسمان جون دريون بند ٿي ويون ۽ مينهن بند ٿي ويو. 3پاڻي ڌرتيءَ تان آهستي آهستي لهڻ لڳو ۽ ڏيڍ سؤ ڏينهن کان پوءِ گھڻو گھٽجي ويو. 4پوءِ ستين مهيني جي سترهين تاريخ ٻيڙو اراراط جبلن جي قطار مان هڪ جبل تي اچي بيٺو. 5پاڻي لهندو ويو ۽ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ جبل جون چوٽيون ڏسڻ ۾ آيون.
6چاليهن ڏينهن کان پوءِ نوح ٻيڙي جو هڪڙو روشندان کوليو. 7هن هڪڙو ڪانءُ اڏاريو جيڪو موٽي ڪونہ آيو، پر ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي سڪڻ تائين هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦريو. 8پوءِ هن هڪڙي ڪبوتري اڏاري، انهيءَ لاءِ جو خبر پوي تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي يا نہ. 9پر جيئن تہ اڃا سڄي ڌرتيءَ تي پاڻي بيٺل هو سو ڪبوتريءَ کي هيٺ لهي اچڻ جي جاءِ نہ ملي. تنهنڪري هوءَ ٻيڙي ڏانهن موٽي آئي ۽ نوح هٿ ڊگھيري انهيءَ کي کڻي ٻيڙي ۾ آندو. 10ست ڏينهن ٻيا ترسڻ کان پوءِ نوح وري انهيءَ ڪبوتريءَ کي اڏاريو. 11اها سانجھيءَ جو وٽس موٽي آئي ۽ ان جي چهنب ۾ هڪڙو زيتون جو تازو ڇنل پن هو، جنهن مان نوح سمجھيو تہ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو آهي. 12پوءِ ٻيا ست ڏينهن ترسي هن وري بہ ڪبوتري اڏاري جيڪا وٽس موٽي ڪونہ آئي.
13جڏهن نوح جي عمر ڇهہ سؤ هڪ سال هئي تہ پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ ڌرتيءَ تان پاڻي لهي ويو. نوح ٻيڙي جي ڇت کولي ۽ ڏٺائين تہ ڌرتيءَ جو مٿاڇرو سڪي ويو آهي. 14ٻئي مهيني جي ستاويهين تاريخ سڄي ڌرتي سڪي ويئي.
15پوءِ خدا نوح کي چيو تہ 16”تون پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ سندن زالن سميت ٻيڙي مان نڪري اچ. 17سڀيئي ساهوارا جهڙوڪ پکي، جانور ۽ سرندڙ جيت پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ تہ اُهي ڌرتيءَ تي نسل وڌائين ۽ وڌن ويجھن.“ 18تڏهن نوح پنهنجيءَ زال، پنهنجن پٽن ۽ انهن جي زالن کي پاڻ سان گڏ وٺي ٻاهر آيو. 19سڀيئي جانور، سرندڙ جيت ۽ پکي ٻيڙي مان نڪري ٻاهر آيا.
نوح جو قرباني پيش ڪرڻ
20پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربانگاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين. 21قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم. 22جيستائين دنيا هوندي تيستائين پوکي توڙي لوب، سردي ۽ گرمي، اونهارو ۽ سيارو، ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا.“
1:9 خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي. 2سڀ جانور، پکي، سرندڙ جيت ۽ مڇيون اوهان جي رعب ۽ ڊپ ۾ رهندا. اهي سڀيئي مون اوهان جي وس هيٺ ڪيا آهن. 3اوهين اهي سڀ ساهوارا ڀاڄيءَ وانگر کائي سگھو ٿا. مون اهي سڀ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن. 4 پر هڪ شيءِ جيڪا اوهان کي کائڻي ناهي، سا آهي رت سوڌو گوشت، ڇاڪاڻ تہ رت جان آهي. 5جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي جان وٺندو تہ انهيءَ کي سزا ملندي. جيڪڏهن ڪو جانور ڪنهن ماڻهوءَ جو ساهہ ڪڍندو تہ انهيءَ کي بہ سزا ۾ ماريو ويندو. 6 جيڪو انسان کي ماري ڇڏيندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي. 7 گھڻا ٻار پيدا ڪريو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.“
8خدا نوح ۽ سندس پٽن کي چيو تہ 9”ڌيان سان ٻڌو. آءٌ اوهان سان ۽ اوهان جي اولاد سان عهد ٿو ڪريان. 10اهي ساهوارا، پکي توڙي جانور جيڪي توهان سان گڏ ٻيڙي مان لٿا آهن، تن سڀني سان بہ عهد ٿو ڪريان. 11اوهان سان منهنجو عهد هي آهي تہ ڪڏهن بہ وري ٻوڏ جي ڪري سڀ ساهوارا برباد نہ ٿيندا ۽ نہ وري ڪڏهن ٻوڏ جي ڪري سڄي ڌرتي تباهہ ٿيندي. 12اهو هميشہ تائين هلندڙ عهد جيڪو آءٌ اوهان سان ۽ سڀني ساهوارن سان ڪريان ٿو تنهن جي نشاني هيءَ آهي تہ 13آءٌ پنهنجي انڊلٺ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها دنيا سان منهنجي عهد جي نشاني ٿيندي. 14جڏهن بہ آءٌ آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ اها انڊلٺ ڪڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي، 15تڏهن آءٌ اوهان سان ۽ سڀني جانورن سان پنهنجو ڪيل اهو عهد ياد ڪندس تہ ڪڏهن بہ وري ساهوارا ٻوڏ جي ڪري برباد نہ ٿيندا. 16جڏهن انڊلٺ ڪڪرن مان نڪرندي تہ آءٌ اها ڏسي اهو عهد ياد ڪندس جيڪو مون ۽ اوهان ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي. 17اها انهيءَ عهد جي نشاني آهي جيڪو مون ڌرتيءَ جي سڀني ساهوارن سان ڪيو آهي.“
نوح ۽ سندس پٽ
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000