
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:12 خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس. 2آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس. 3 جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“
4سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي. 5ابرام پنهنجي زال سارائي، لوط، سموري ملڪيت ۽ سڀ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئن، سي پاڻ سان کنيا. اهي سڀ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن ڪنعان ۾ پهتا، 6تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہبلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا. 7 اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربانگاهہ ٺاهي. 8تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيتايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيتايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.
1:15تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“ 2-3پر ابرام جواب ڏنو تہ ”اي خداوند خدا! تنهنجي انعام مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ڇو تہ آءٌ بياولاد آهيان؟ منهنجو وارث تہ رڳو منهنجي گھر جو نوڪر اليعزر دمشقي آهي. جيئن تہ تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، سو اهو ئي منهنجي ملڪيت جو وارث ٿيندو.“ 4پوءِ هن خداوند کي وري پاڻ سان ڳالهائيندي ٻڌو تہ ”اليعزر تنهنجو وارث نہ ٿيندو، پر تنهنجو پنهنجو پٽ تنهنجو وارث ٿيندو.“ 5 پوءِ خداوند کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”آسمان ڏانهن نهار ۽ تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪر. تو کي ايترو ئي اولاد ٿيندو جيترا اهي تارا آهن.“ 6 ابرام خداوند تي يقين ڪيو، انهيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000