
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:22 ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 2 خدا چيس تہ ”تون پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جيڪو تو کي گھڻو پيارو آهي تنهن کي وٺي مورياہ جي علائقي ۾ وڃ. اتي جيڪو جبل آءٌ تو کي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪر.“ 3ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس.
4ٽئين ڏينهن ابراهيم پري کان اهو هنڌ ڏٺو. 5پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو. آءٌ ۽ هي ڇوڪر هُتي عبادت ڪرڻ ٿا وڃون ۽ پوءِ اوهان وٽ موٽي اينداسين.“ 6ابراهيم قربانيءَ جون ڪاٺيون اسحاق کي کڻايون ۽ پاڻ ڪاتي ۽ باهہ ٻارڻ لاءِ ٽانڊا کنيائين، پوءِ ٻيئي گڏجي روانا ٿيا. 7تڏهن اسحاق پيءُ کي چيو تہ ”اي بابا!“ هن جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ.“ اسحاق پڇيس تہ ”ٽانڊا ۽ ڪاٺيون تہ اوهان وٽ آهن پر ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو ڪٿي آهي؟“ 8ابراهيم جواب ڏنو تہ ”خدا پاڻيهي ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو موجود ڪري ڏيندو.“ سو ٻيئي گڏجي هلندا ويا. 9 جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربانگاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين. 10پوءِ هن هٿ ڊگھيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي. 11تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 12خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“
13تڏهن ابراهيم اکيون کڻي آسپاس نهاريو تہ هڪڙو گھيٽو ڏٺائين، جنهن جا سڱ هڪڙي ٻوڙي ۾ ڦاٿل هئا. ابراهيم وڃي اهو گھيٽو پڪڙيو ۽ آڻي پنهنجي پٽ جي بدران گھيٽي جي ساڙڻ واري قرباني ڪيائين. 14ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“
15 خداوند ٻيو ڀيرو ملائڪ جي وسيلي آسمان مان ابراهيم کي سڏي چيو تہ 16 ”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو. 17 سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو. 18 دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“ 19پوءِ ابراهيم موٽي پنهنجي نوڪرن وٽ آيو، تڏهن اُهي اُٿي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا. ابراهيم بيرسبع ۾ ئي رهڻ لڳو.
نحور جو اولاد
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000