معلوم

سبق 1

مقصد کي اڳيان رکي ڪم شروع ڪرڻ

مڪاشفو 9:7-12

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

9:7انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا. 10اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ

  ”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان
  ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“

11سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري 12چوڻ لڳا تہ

  ”آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ،
  عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت،
  قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000