معلوم

سبق 2

دعا جي طاقت

مرقس 20:11-25

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

20:11ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جيئن ئي هو يروشلم ڏانهن پئي آيا تہ رستي تي انهن انجير جو اُهو وڻ ڏٺو، جيڪو هاڻي چوٽيءَ کان وٺي پاڙ تائين سڪي ويو هو. 21تنهن تي پطرس کي پاراتي واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي استاد! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان پاراتو ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“ 22عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”خدا تي پورو ايمان رکو. 23 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن ڪنهن جي دل ۾ شڪ نہ آهي ۽ يقين اٿس تہ ’جيئن آءٌ چوان ٿو ائين ٿيندو،‘ تہ پوءِ جيڪڏهن هو هن جبل کي بہ چوندو تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 24تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين دعا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي. 25‏-26 جڏهن بہ اوهين دعا گھرو، تڏهن جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن تي رنج آهي تہ انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏيو، تہ جيئن اوهان جو پيءُ جيڪو آسمان تي آهي سو بہ اوهان جا گناهہ اوهان کي معاف ڪري ڇڏي.“

عيسيٰ مسيح جي اختياريءَ بابت سوال

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000