معلوم

سبق 6

سڀ کان وڏو حڪم

شريعت جو دور 4:6-9

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

4:6 ”اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي. 5 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو. 6 هي ڳالهيون جن جو آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي اوهان کان ڪڏهن بہ نہ وسرن. 7اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو. 8انهن کي اوهين يادگيريءَ لاءِ پنهنجين ٻانهن تي ٻڌي ڇڏيو ۽ پنهنجي نرڙ تي ٽڪي وانگر هڻي ڇڏيو. 9انهن کي پنهنجي گھر جي دروازن جي ٻانهين تي ۽ ٻاهرين دروازن تي لکي ڇڏيو.

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000