معلوم

سبق 5

جن تائين خوشخبري نہ پهتي آهي، تن لاءِ سڏ

رومين 14:15-23

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

14:15اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! مون کي پڪ آهي تہ اوهين نيڪيءَ سان ڀرپور ۽ گھڻي کان گھڻي ڄاڻ رکندڙ آهيو ۽ هڪٻئي کي نصيحت ڪري سگھو ٿا. 15تنهن هوندي بہ هن خط ۾ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ياد ڏيارڻ لاءِ مون ڪجھہ دليريءَ سان لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ خدا مون تي اهو فضل ڪيو آهي تہ 16آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون. 17تنهنڪري آءٌ خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي ئي فخر ٿو ڪريان. 18سو آءٌ رڳو انهن ڪمن بابت دليريءَ سان ڳالهايان ٿو، جيڪي مسيح غير قومن کي خدا جو تابعدار ڪرڻ لاءِ منهنجي قول ۽ فعل جي وسيلي ڪيا. 19اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي. 20منهنجي آڏو رڳو هڪڙو ئي مقصد رهيو آهي تہ جتي اڳي مسيح جو نالو نہ ورتو ويو آهي اتي هن بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جي وڌل بنياد تي عمارت نہ اڏيان، 21 بلڪ مون چاهيو تہ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تيئن ئي ٿئي تہ

  ”جن تائين هن جي خبر بہ نہ پهتي آهي،
  تن جون بند اکيون کلي وينديون،
  ۽ جن هن بابت ٻڌو بہ نہ آهي سي ڄاڻي وٺندا.“

پولس جو روم وڃڻ جو ارادو

22 اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اوهان ڏانهن اچڻ کان ڪيترائي دفعا رڪجي ويس. 23پر هاڻي هنن علائقن ۾ منهنجي خدمت پوري ٿي چڪي آهي ۽ جيئن تہ ڪيترن ئي سالن کان مون کي سڪ رهي آهي تہ اوهان ڏانهن اچان،

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000