
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:24اهي عورتون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون. 2اتي پهچي ڏٺائون تہ پٿر جيڪو قبر جي منهن تي ڏنل هو، سو پاسي تي رڙهيو پيو آهي. 3وري جڏهن قبر ۾ اندر گھڙي ويون تہ ڏٺائون تہ خداوند عيسيٰ جو لاش تہ آهي ئي ڪونہ. 4اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن. 5تنهن تي هو ڏاڍو ڊڄي ويون ۽ هڪدم هيٺ جھڪي پنهنجا منهن لڪايائون. تڏهن انهن ماڻهن چين تہ ”جيڪو جيئرو آهي، تنهن کي اوهين مئلن ۾ ڇو ٿيون ڳوليو؟ 6 هو هتي ڪونهي پر جيئرو ٿي اٿيو آهي. ياد اٿوَ تہ جڏهن هو گليل ۾ هو تڏهن اوهان کي ڇا چيو هئائين تہ 7’اهو ضروري آهي تہ ابنِ آدم کي گنهگارن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ صليب تي چاڙهيو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اُٿي.‘“ 8تڏهن عورتن کي هن جا اهي لفظ ياد آيا. 9پوءِ هنن قبر کان موٽي اچي يارهن شاگردن ۽ ٻين سڀني پوئلڳن کي اهي ڳالهيون ٻڌايون. 10جن عورتن انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون. 11پر رسولن انهن عورتن جي ڳالهين کي اڻٿيڻيون سمجھي انهن تي يقين نہ ڪيو. 12تنهن هوندي بہ پطرس اٿيو ۽ وٺي قبر ڏانهن ڊوڙيو ۽ اندر ليئو پائي ڏٺائين تہ رڳو ڪفن پيو آهي. تڏهن جيڪو وهيو واپريو هو تنهن تي عجب کائيندي گھر موٽيو.
اِمائوس وٽ ڏيکاري ڏيڻ
13انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي پوئلڳن منجھان ٻہ ڄڻا اِمائوس نالي ڳوٺ ڏانهن پئي ويا، جيڪو يروشلم کان اٽڪل يارهن ڪلوميٽر پري هو. 14اهي پاڻ ۾ گذريل واقعن بابت ڳالهيون ڪندا پئي ويا. 15هنن جيئن پاڻ ۾ ڳالهيون ٻولهيون ڪندي سوال جواب پئي ڪيا تہ عيسيٰ پاڻ ويجھو اچي ساڻن گڏ هلڻ لڳو. 16پر انهن جي اکين مان عيسيٰ کي سڃاڻڻ جي سگھہ کسي ويئي هئي. 17عيسيٰ انهن کان پڇيو تہ ”اوهين پاڻ ۾ ڪهڙين ڳالهين تي بحث ڪندا پيا وڃو؟“ تنهن تي هو غمگين ٿي بيهي رهيا. 18انهن مان ڪلوپاس نالي شخص ورندي ڏنس تہ ”ڇا رڳو تون ئي اهڙو ماڻهو نہ آهين جنهن کي خبر ئي نہ آهي تہ اڄڪلهہ هِت يروشلم ۾ ڇا وهيو واپريو آهي؟“ 19تنهن تي هن پڇين تہ ”ڇا ٿيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اُهي عيسيٰ ناصريءَ جون ڳالهيون، جيڪو خدا توڙي سڄي خلق اڳيان قول ۽ فعل ۾ قدرت وارو نبي هو. 20انهيءَ کي اسان جي سردار ڪاهنن ۽ ٻين يهودي اڳواڻن پڪڙايو تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. ائين هنن کيس صليب تي چاڙهائي ڇڏيو. 21اسان کي تہ اها اميد هئي تہ هن جي ئي هٿان بني اسرائيل کي آزادي ملندي. پر هاڻي تہ ان واقعي کي بہ اڄ ٽيون ڏينهن ٿيو آهي. 22اڄ تہ اسان جي ڪن عورتن اسان کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي صبح جو سوير قبر تي ويون 23تہ قبر ۾ لاش نہ ڏٺائون. پوءِ اهي موٽي آيون ۽ اسان کي ٻڌايائون تہ انهن رويا ۾ ملائڪن کي بہ ڏٺو، جن کين ٻڌايو تہ عيسيٰ جيئرو آهي. 24تڏهن اسان جي ٽولي مان ڪي قبر تي ويا ۽ برابر ائين ئي ڏٺائون جيئن عورتن چيو هو، پر عيسيٰ هنن کي نظر نہ آيو.“
25تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اي نادانؤ! اوهين نبين جي سڀني ڳالهين کي مڃڻ ۾ ڪيڏا نہ لاپرواهہ آهيو. 26ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“ 27پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.
28جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي. 29پر انهن کيس ترسڻ لاءِ ڏاڍو زور ڀريندي چيو تہ ”اسان سان رهي پئو، ڇو تہ سانجھي ٿيڻ واري آهي ۽ ڏينهن لڙي ويو آهي.“ تڏهن هو انهن سان رهڻ لاءِ گھر اندر ويو. 30پوءِ جڏهن هو انهن سان گڏ دسترخوان تي ويٺو تہ ماني کڻي شڪر ڪيائين ۽ اها ڀڃي کين ڏنائين. 31اهو ڏسي سندن اکيون کُليون ۽ هنن عيسيٰ کي سڃاڻي ورتو، پر هو انهن جي اکين اڳيان غائب ٿي ويو. 32اهي هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”ڇا ائين نہ هو تہ جنهن مهل رستي تي هو اسان سان ڳالهائي پيو ۽ پاڪ ڪلام سمجھائي پيو، تڏهن ڇا اسان جون دليون بيحد پرجوش نہ پئي ٿيون؟“
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000