
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
11:15عيسيٰ هيئن بہ چيو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، 12جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني. 13اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. 14جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو. 15سو هو انهيءَ ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو، جنهن کيس پنهنجي ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. 16هو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار هو، پر اهو بہ ڪنهن نہ ٿي ڏنس. 17آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران. 18آءٌ پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندس تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان 19۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘ 20سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. 21تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘ 22پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. 23هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون، 24ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيئرو ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا.
25انهيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل هو سو موٽي آيو. جڏهن گھر جي ويجھو پهتو تڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. 26تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’هي ڇا پيو ٿئي؟‘ 27تنهن تي نوڪر چيس تہ ’تنهنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو آهي، تنهنڪري تنهنجي پيءُ ٿلهو متارو وهڙو ڪهايو آهي.‘ 28تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پيءُ ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. 29پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان. 30جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘ 31تنهن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ هميشہ مون سان گڏ آهين ۽ جيڪي منهنجو آهي سو سڀ تنهنجو ئي آهي. 32پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000