
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
35:6عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آهيان. جيڪو مون تي ايمان رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.
36اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ ايمان نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان. 37پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس. 38آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان. 39جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيئرو ڪري اٿاريان. 40هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“
41تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها ماني آهيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي.“ 42انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو عيسيٰ نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماءُ پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آهيان؟‘“ 43عيسيٰ کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو. 44ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس. 45 نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000