
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:17انهن ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ آسمان ڏانهن نهاري دعا گھرڻ لڳو تہ ”اي بابا! اها گھڙي اچي پهتي آهي. هاڻي تون پنهنجي فرزند جو جلوو ظاهر ڪر تہ جيئن فرزند جي معرفت تنهنجو جلوو ظاهر ٿئي. 2تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي دائمي زندگي بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي. 3دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي. 4جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، سو مون پورو ڪري ڌرتيءَ تي تنهنجو جلوو ظاهر ڪيو آهي. 5هاڻي اي بابا! تون پنهنجي حضور ۾ مون کي انهيءَ جلوي ۾ شريڪ ڪر، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هو.
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000